SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آئزن هاور جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آئزن هاور جو نظريو

Eisenhower Doctrine

آئزن هاور ڊاڪٽرين

آمريڪا جي تڏهوڪي (60-1953ع) صدر، جنرل ’ڊوائيٽ آئزن هاور‘ جو ويچار هو، ته فرانس ۽ برطانيا طرفان وچ اوڀر وارين سندن بيٺڪن مان نڪرڻ سبب جيڪو طاقت جو خال پيدا ٿيو آهي، تنهن کي آمريڪا اچي ڀري ۽ گڏوگڏ ان علائقي ۾ ڪميونزم جو ڦهلاءُ به روڪي. سو آمريڪي ڪانگريس، ان ويچار تي هلندي، مارچ 1957ع ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ آمريڪي صدرکي ڪنهن به اهڙي غريب ملڪ کي فوجي ۽ اقتصادي امداد ڏيڻ جا اختيار ڏنا، ان کانسواءِ جنهن مُلڪ ۾ ڪميونزم جي اچڻ جو خطرو موجود هُجي اهڙي تبديليءَ جي نتيجي ۾ علائقي ۾ آمريڪي مفادن کي ڪو لوڏو محسوس ٿئي. جيتوڻيڪ، هيءُ نظريو نالي ۾ ته ”ڪميونزم مُخالف“ حڪمت عمليءَ تي بيٺل هو، پر اصل ۾ ان جو مقصد وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ مصر جي صدر جمال عبدالناصر جو اثر رسوخ گهٽائڻ هو. انهيءَ ويچار پٽاندڙ 1958ع ۾ آمريڪي ۽ برطانيائي فوجن مداخلت ڪري، اُردن ۽ لبنان ۾ اولهه- نواز عرب حڪومتن جي سهائتا ڪئي ۽ ڪُجهه سڻڀا واعدا تُرڪي، ايران ۽ پاڪستان سان به ڪيا ويا. هيءُ نظريو 1956ع ۾ مصر جي صدر جمال ناصر طرفان سوئيز ڪئنال کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو ردعمل به سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت ايراني نار ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا اهم مفاد (vital interests) لڪل هُجڻ جو ڏس به ڏئي ٿو.


Remember Me Also:

ڍومين ڍومين

ظرف. ورلي ، ڪٿي ڪٿي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal